حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي سيري واري علائقي ۾ زميندار پاران مال فصل ۾ پوڻ جو الزام هڻي معصوم ٻارڙن مٿان فائرنگ ڪري هڪ نينگر طاهر ملاح کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ عدالت زميندار جي گرفتار ڪيل ڪمدار جوابدار محمود عرف نانو ملاح کي 11 ڏينھن جي جوڊيشل رمانڊ تي نارا جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سيري پوليس گرفتار جوابدار کي 3 ڏينھن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي سيونٿ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته مک جوابدار آغا زبير گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي چڪو آھي، محمود عرف نانو ملاح جو ريمانڊ ڏنو وڃي. عدالت جوابدار کي 11 ڏينھن جي جوڊيشل ريمانڊ تي نارا جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار آغا زبير سنڌ هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي چڪو آھي جنھن ڪري پوليس کيس گرفتار نه ڪري سگھي آھي.