پنو عاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل ويجهو سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غازي خان جتوئي ۾ جوابدار شفيق جتوئي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال مسمات مهتاب کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس پهچي مقتولا جو لاش تعلقي اسپتال پهچايو. پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.