ڪوئيٽا(م ڊ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي اڳوڻي صدر حامد خان چيو آهي ته 2016ع ۾ ڪوئيٽا ۾ وڪيلن کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو، اهو ڪارو ڏينهن آهي. ڪوئيٽا ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ 8 آگسٽ 2016ع جي حوالي سان منعقد ڪيل تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي حامد خان چيو ته 8 آگسٽ جو سانحو بلوچستان جو نه پر سڄي پاڪستان جو آهي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ پاران رپورٽ اچڻ کان روڪيو ويو، عدليه خاموش آهي، فوجي اسٽيبلشمينٽ بلوچستان جا حق کسڻ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته فوجي عدالتن ۾ ڪيس کي اينگهايو ويو آهي. حامد خان چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو اهم آهي، اڪثر گم ٿيل ماڻهن جو تعلق بلوچستان سان آهي. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو چيف جسٽس حل نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو؟ هن چيو ته هزارين ماڻهو گم آهن پر بازياب نه ٿي رهيا آهن، تاريخ چيف جسٽس کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. ان موقعي تي علي احمد ڪرد چيو ته ڪاري ڪوٽ ۽ ڪاري ٽائي اسان جي وقار جي نشاني آهي، ملڪ ۾ جمهوريت ڪو تحفو ناهي، ان ۾ وڪيلن جو ڪردار آهي.