سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب جي 14 آگسٽ کان باقاعده نگراني ٿيندي

اسلام آباد(فخر دراني)ملڪ ۾ واٽس ايپ،فيس بڪ، ٽوئيٽر،انسٽاگرام،يوٽيوب تي هلندڙ مهيني کان فائر وال ذريعي نگراني شروع ٿي ويندي،”اڻوڻندڙ ماڻهن“ جا وي لاگ، ٽوئيٽس،تجزيا هاڻي ڪاٽو ڪيا ويندا،فيڪ نيوز پکيڙيندڙ يوٽيوبرن جي شامت اچي وئي،وڏي ڳالهه اها آهي ته نشاندهي ڪيل  ماڻهن جي  واٽس ايپ جي به نگراني ڪئي ويندي،اهو عمل 14 آگسٽ کان شروع ٿي ويندو،ٽرائل مڪمل ٿي چڪو آهي،ٻئي پاسي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف پروپيگنڊا اڄ تائين جاري آهي ته هو ايڪسٽينشن لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو،حالانڪه هو ايڪسٽينشن نه پيو وٺي جڏهن ته ايندڙ چيف جسٽس منصور علي شاهه آڪٽوبر ۾ عهدو سنڀالڻ جي حوالي سان پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 09 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.