اسلام آباد(حماد حسن) آءِ ٽي وزارت ۾ 24 ارب رپين جي فراڊ جو انڪشاف،ملڪ ۾ انٽرنيٽ فراهم ڪندڙ9 ڪمپنين تي ،2008ع کان 2012ع تائين 24 ارب رپين جون رهتون آهن،اهي ادائيگيون اڄ تائين نه ٿيون آهن،هن وقت تائين 80 ارب رپين جون رهتون ٿي چڪيون آهن، ان معاملي تي آءِ ٽي وزارت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي، ٻين عدالتن ۾ به ڪيس ڪيا، ڪجهه عرصو اڳ پي ٽي اي جو نئون چيئرمين مقرر ٿيو جنهن هڪ رستو ڪڍيو ۽ ڪمپنين جي سربراهن سان اجلاس ڪوٺايو،9 مان 5 انٽرنيٽ فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي مالڪن 5 سالن اندر ادائيگين تي راضپو ظاهر ڪيو،ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پي ٽي اي چيئرمين کي آءِ ٽي سيڪريٽري جوابي خط لکي آگاهه ڪيو ته اهي ڪمپنيون 7 سالن ۾ ساڍا 12 ارب رپيا ادائيگيون ڪنديون، جنهن تي پي ٽي اي چيئرمين حيران ٿي ويو،معاملو وزيراعظم تائين پهچي ويو، پي ٽي اي چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو ويو، ان معاملي جي آءِ ٽي واري وزير شزا فاطمه کي به اعتماد ۾ نه وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،جنهن تي وزيراعظم سخت ڪاوڙجي پيو، هن آءِ ٽي سيڪريٽري کي طلب ڪري مٿس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 09 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو