نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) پئرس اولمپڪس 2024ع ۾ وزن وڌيڪ هئڻ سبب نااهل قرار ڏنل ڀارتي ريسلر ونيش ڦوگاٽ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس جاري ڪيل بيان ۾ ڀارتي ريسلر اولمپڪس فائنل ۾ پهچي ڊس ڪواليفاءِ ٿيڻ تي پنهنجي قوم سان معذرت ڪئي.
ونيش پنهنجي پوسٽ ۾ قوم جون ساڻس سلهاڙيل اميدون ٽٽڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي لکيو ته اوهان جا خوابَ ۽ سندس همت سبب ٽٽي چڪا آهن، هاڻي مون وڌيڪ سگهه ناهي رهي، الوداع ريسلنگ، 2001 کان 2024 تائين جو سفر هتي ختم ٿيو.
ڀارتي ريسلر وڌيڪ چيو ته مان سڀني جي قرضدار آهيان، مون کي معاف ڪريو.
واضح رهي ته ان کان اڳ ريسلر ونيش ڦوگاٽ راندين جي عالمي عدالت سان رابطو ڪيو هو.
You might also like