شاگردن بنگلاديش کي بچايو، هاڻي آزادي جي حفاظت ڪرڻي آهي: محمد يونس

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت جو سربراهه محمد يونس ڍاڪا پهچي ويو آهي.
ڍاڪا پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد يونس چيو ته شاگردن بنگلاديش کي بچايو آهي، هاڻي اسان کي منهنجي ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻو آهي.
ڊاڪٽر محمد يونس چيو ته هاڻي حاصل ڪيل آزادي جي حفاظت ڪرڻي آهي، وطن واپس پهچي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هوته سازش تحت بنگلاديش ۾ اقليتن تي حملا ڪيا ويا، بنگلاديش جو مستقبل نوجوانن سان سلهاڙيل آهي، اسان سڀ گڏجي ملڪ کي مالي ڏکيائين مان ڪڍنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.