نئين دهلي(م ڊ) ڀارت بنگلاديش جي سرحد سان ملندڙ پنهنجي رياستن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا موجب بنگلاديش ۾ احتجاج ۽ مظاهرن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ئي رياست ميگهاليا کانپوءِ ڀارت مني پور ۾ به رات جي وقت ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب مني پور حڪومت فيرزاول ۽ جريبم ضلعن ۾ اڱاري جي رات ڪرفيو لاڳو ڪندي سيڪيورٽي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي.گهرو کاتي جي جوائنٽ سيڪريٽري هدايتون ڏيندي چيو ته بنگلاديش ۾ امن امان جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڙيسري ملڪ مان ماڻهن جي مني پور اچڻ جو امڪان آهي.هن وڌيڪ چيو ته غير قانوني مهاجرن جي آمد کي روڪڻ لاءِ سخت احتياطي اپاءَ وٺڻ گهرجن.