فوج پاران شيخ حسينا کي هڪ ڏينهن اڳ حمايت کان جواب ڏيڻ جو انڪشاف

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ پرتشدد واقعن کانپوءِ شيخ حسينه واجد جي سياسي پارٽي عوامي ليگ سان لاڳاپيل 20 کان وڌيڪ ماڻهن جا لاش هٿ آيا آهن. بنگلاديشي اخبار موجب انهن لاشن ۾ عوامي ليگ جي اڳواڻن ۽ انهن جي گهرڀاتين جا لاش به شامل آهن، عوامي ليگ سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي گهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن کي به لٽيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب اهي لاش شيخ حسينه واجد جي ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ مليا، جڏهن ته مظاهرين عوامي ليگ جي آفيسن ۽ اڳواڻن جي گهرن کي به ساڙي ڇڏيو. هوڏانهن بنگلاديشي جنرلن حسينه جي مستقبل  جو فيصلو رات کان اڳ ڪري ڇڏيو هو، ان رات اجلاس ۾ احتجاج ڪندڙن تي فائرنگ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شيخ حسينه جي ملڪ مان فرار ٿيڻ کان هڪ رات اڳ، بنگلاديش جي آرمي چيف پنهنجي جنرلن سان ملاقات ڪئي ۽ فيصلو ڪيو ته فوج ڪرفيو دوران شهرين تي گوليون نه هلائيندي، جنهن جو مطالبو وزير اعظم حسينه واجد طرفان ڪيو ويو هو. فيصلي کان آگاهه ٻن حاضر سروس فوجي آفيسرن پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري ”رائٽرز“ کي ٻڌايو ته ملاقات کانپوءِ آرمي چيف جنرل وقار الزمان حسينه واجد جي آفيس کي پيغام موڪليو ته هو ڪرفيو لاڳو ڪرڻ کان قاصر آهي. هڪ ڀارتي آفيسر ان معاملي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته اهو اشارو ڏنو ويو آهي ته حسينه واجد آرمي جي حمايت وڃائي چڪي آهي. آرمي چيف جنرل وقار الزمان حسينه واجد جي حمايت واپس وٺڻ واري فيصلي جي عوامي سطح تي وضاحت ناهي ڪئي. پر احتجاج جي پيماني تي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 241 جي موت جي تعداد فوج لاءِ ان کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو ته حسينه واجا کي ڪنهن به قيمت تي حمايت جاري رکي رٽائرڊ سينيئر سپاهي انهن ۾ شامل هئا جن ڪرفيو جي خلاف ورزي ڪئي جنهن ڏينهن حسينه واجد ملڪ مان ڀڄي وئي، هڪ اڳوڻي انفنٽري آفيسر چيو ته فوج پنهنجو واعدو پورو ڪيو. حسينه واجد کي گاديءَ واري شهر ڍاڪا ۾ سندس محافظ سرڪاري رهائشگاهه گنببن اندر بند ڪيو ويو، سومر تي ملڪ گير غيرمعمولي ڪرفيو جي پهرين مڪمل ڏينهن تيٻاهر هزارين ماڻهو روڊن تي اچي ويا. هڪ ڀارتي اهلڪار ۽ بنگلاديش جي ٻن ذريعن موجب 76 سالن جي حسينه واجد سومر جي صبح صورتحال قابو کان ٻاهر ٿيڻ بعد ملڪ مان فرار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.  نوبل انعام يافته محمد يونس هڪ اخبار کي ٻڌايو ته هندستان جا ”غلط ماڻهن سان سٺا لاڳاپا“ آهن ۽ انهن تي زور ڀريو ته ”پنهنجي پرڏيهي پاليسي تي ٻيهر غور ڪيو وڃي. بنگلاديش جي آرمي چيف وقار الزمان چيو آهي ته ملڪ ۾ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ٽن کان چئن ڏينهن ۾ حالتون معمول تي اچي وينديون. پنهنجي ٽيليويزن خطاب ۾ بنگلاديشي آرمي چيف چيو ته پوليس فورس کي بحال ڪيو پيو وڃي. ايئر فورس ۽ نيوي سربراهن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.  بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس سمورن ماڻهن کي پرامن رهڻ ۽ هر قسم جي تشدد کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ محمد يونس بنگلاديش جي انهن سمورن بهادر شاگردن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اچو ته نئين فتح جو ڀرپور فائدو وٺون ۽ پنهنجي غلطين جي ڪري ان کي سلب ٿيڻ نه ڏيو. ٻئي طرف بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي وڏي صلاحڪار ڊاڪٽر محمد يونس کي ليبر قانون جي ڀڃڪڙي جي 3 سال پراڻي ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.