ڀارت بنگلاديش جي سرحد سان لڳندڙ رياستن ۾ ڪرفيو لڳائي ڇڏيو

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت بنگلاديش جي سرحد سان ملندڙ پنهنجي رياستن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا موجب بنگلاديش ۾ احتجاج ۽ مظاهرن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ئي رياست ميگهاليا کانپوءِ ڀارت مني پور ۾ به رات جي وقت ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب مني پور حڪومت فيرزاول ۽ جريبم ضلعن ۾ اڱاري جي  رات ڪرفيو لاڳو ڪندي سيڪيورٽي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي.گهرو کاتي جي جوائنٽ سيڪريٽري هدايتون ڏيندي چيو ته بنگلاديش ۾ امن امان جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڙيسري ملڪ مان ماڻهن جي مني پور اچڻ جو امڪان آهي.هن وڌيڪ چيو ته غير قانوني مهاجرن جي آمد کي روڪڻ لاءِ سخت احتياطي اپاءَ وٺڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.