بنگلاديش ۾ مسلمان عالم مندرن جي حفاظت ۾ مصروف، وڊيو وائرل

ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش ۾ وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي گهرن، عوامي ليگ جي  آفيسن ۽ ٻين ملڪيتن تي حملن جو سلسلو جاري آهي، ڇڪتاڻ واري صورتحال دوران هندن جي گهرن ۽ مندرن کي باهه ڏيڻ جا به اطلاع آهن.نظم الحسن نالي هڪ صارف سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڪجهه مسلمان عالمن کي مندر جي حفاظت ڪندي ڏٺو پيو وڃي، صارف ان تصوير کي شيئر ڪيو ۽ ان کي ڪيپشن ڏنو: ”بنگلاديش ۾ هندو برادري ۽ انهن جي مندرن تي حملن جي خبرن کان پوءِ بنگلاديش جا مسلمان عالم هڪ هندو مندر جي حفاظت ڪري رهيا آهن، سياستدان ۽ اڳواڻ اقليتن کي تشدد جي مزاحمت ڪرڻ جي تلقين ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.