خالد لنڊ شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس مان آجو، سندس 2 پٽ ماسٽر مائينڊ قرار\جاچ رپورٽ ايس ايس پي گهوٽڪي حوالي

گهوٽڪي ( رپورٽ: آزاد مھر) پ پ ايم اين اي خالد لنڊ جا 2 پٽ پوليس جاچ ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ منصوبا ساز قرار ڏنا ويا آهن ذريعن موجب شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي  سراج احمد لاشاري پهرين آگسٽ تي اهڙي جاچ رپورٽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي،ذريعن موجب رپورٽ ۾ ايم اين اي خالد لنڊ جي ويجهي ساٿي اصغر لنڊ ۽ سندس ڀاءُ برڪت لنڊ کي صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ۾ سڌو سنئون ملوث قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايم اين اي خالد لنڊ جي ٻن پٽن نور محمد ۽ شهباز لنڊ ۽ سندن مئنيجر عبدالله لنڊ کي منصوبا ساز قرار ڏنو ويو آهي. واضع رهي ته روزاني عوامي آواز جي شهيد رپورٽر نصرالله گڏاڻي کي 21 مئي تي هٿياربندن گوليون هڻي شديد زخمي ڪيو ھو جنھن کي 25 مئي تي ڪراچي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، شهيد نصرالله گڏاڻي جو قتل ڪيس سندس امڙ پٺاڻي جي فرياد تي ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪيو  ويو هو 27 جون تي قتل ڪيس جي اکين ڏٺن شاهدن ايم اين اي خالد لنڊ ۽ ان جي ٻن پٽن ٽائون چيئرمين شهباز خان لنڊ ۽ نورمحمد لنڊ کي صحافي جي قتل جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو، پر ڪيس جي جاچ آفيسر پاران ايم اين اي خالد لنڊ کي بي گناھه قرار ڏنو ويو آهي، ٻئي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس بابت اهڙي جاچ رپورٽ جاچ آفيسر پاران ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه کي پيش ڪئي وئي آهي ان باوجود ايس ايس پي گهوٽڪي اهڙي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران لڪائي ڇڏي آهي، ڪيس جي جاچ رپورٽ لڪائڻ سبب شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن توڙي صحافي برادري ۾ خدشا وڌي ويا آهن، ٻئي طرف گهوٽڪي پوليس طرفان پريس رليز جاري ڪندي چيو ويو آهي ته شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ليگل پراسيڪيوٽر وٽ جمع ٿي وئي آهي، صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد جاچ آفيسر سراج الدين لاشاري ڪيس فائل ايس ايس پي گھوٽڪي آفيس ۾ جمع ڪرايو آهي. پوليس ترجمان موجب جاچ آفيسر ايس پي سراج الدين لاشاري ڪيس جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس جي جاچ پڙتال لاءِ ايس ايس پي آفيس ۾ ڊي ايس پي ليگل گهوٽڪي  وٽ جمع ڪرايو آهي، ڊي ايس پي ليگل گهوٽڪي عطا محمد سومرو ڪيس مڪمل تفصيلي جاچ پڙتال لاءِ ڪالهه 7 هين آگسٽ 2024ع تي ليگل پراسيڪيوٽر وٽ جمع ڪرايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.