عالمي بئنڪ سنڌ ۾ 2 لک يونٽ سولر ورهائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر) عالمي بئنڪ سنڌ صوبي ۾ 2 لک يونٽ سولر سسٽم ورهائڻ واري منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ورلڊ بينڪ  جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهيسن وفد سميت شرڪت ڪئي، توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه عالمي بينڪ جي ٽيم کي 2 لک سولر يونٽس ورهائڻ بابت بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ جي جاري ۽ نون منصوبن جو جائزو ورتو ويو، وڏي وزير چيو ته عالمي بئنڪ جا 3.4 بلين ڊالرن جا 14 منصوبا جاري آهن، مان ذاتي طور تي هر منصوبي جي اڳڀرائي جي نگراني ڪندو آهيان، اڳڀرائي رپورٽ ورلڊ بئنڪ سان شيئر ڪندو آهيان.ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته 6 آگسٽ تي ڄام صادق پل جي ڊيزائن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، فائنل ڊيزائن ۾ ڪجهه دير ٿي آهي جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مان نگراني ڪري رهيو آهيان.صوبائي وزير سعيد غني چيو ته لوڪل ڪائونسلن جي 9.68 ملين ڊالرن جا ڪم مڪمل ڪيا ويا آهن، شهرن جي گنجائش وڌائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي، پراپرٽي ٽيڪس سروي لاءِ فرم هائير ڪيا آهن، 30 آگسٽ کان ڪم شروع ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.