شڪارپور( ن ع آ ) شڪارپور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج آءِ جي سنڌ کي خط لکي 100 کان وڌيڪ اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب شڪارپور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منو مل آءِ جي سنڌ کي خط لکي 18 ڪيسن ۾ گهربل 100 کان وڌيڪ اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. خط ۾ چيو ويو ته رستم ٿاڻي جي حد ۾ پوليس 100 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش نه ڪري رهي آهي ۽ اهي جوابدار ڪيترن ئي سالن کان فرار آهن. هن چيو ته عدالت جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي خط لکي رهي آهي پر بدقسمتي سان سنڌ پوليس انهن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سبب شڪارپور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي.