واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) ايران سان مبينا رابطا رکندڙ پاڪستاني شهري تي آمريڪا ۾ سياستدانن کي قتل ڪرڻ جي سازش جي الزام تي وائٽ هائوس به پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
وائٽ هائوس ترجمان جين پيئر ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته آمريڪا ۾ سياسي قتل جي سازش تي انصاف واري کاتي هلندڙ جاچ دوران اهڙا ڪي به ثبوت ناهن مليا جنهن مان ثابت ٿئي ته جوابدار جو تعلق اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي قاتلاڻي حملي سان آهي.
واضح رهي ته آمريڪي انصاف واري کاتي پاڪستاني شهري آصف مرچنٽ تي آمريڪا ۾ سياسي ماڻهن جي قتل جي سازش جو الزام مڙهيو ويو آهي.
آمريڪي عدالت ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين سياستدانن جي قتل جي امڪاني سازش جي الزام هيٺ پاڪستاني شهري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
فرم جرم لاڳو ڪندي اختيارين چيو ته آصف مرچنٽ آمريڪي عوامي شخصيتن کي ڀاڙي جي قاتل ذريعي نشانو بڻائڻ جي سازش ۾ ملوث آهي ۽ سندس ايران سان به لاڳاپا آهن.
وائٽ هائوس ترجمان کان جڏهن ان حوالي سان سوال ڪيو ويو هن جواب ڏيندي ٻڌايو ته وائٽ هائوس انصاف واري کاتي طرفان آصف مرچنٽ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري معاملي کان آگاهه آهي، جڏهن ته معاملي جي جاچ اڃا جاري آهي.
ترجمان چيوته آمريڪا اڳوڻن سياستدانن خلاف ايران طرفان خطرن کي ٽريڪ ڪندو رهيو آهي ۽ انهن خطرن جو تعلق ايران جي اڳوڻي جنرل قاسم سليماني جي موت جو بدلو وٺڻ سان آهي.
You might also like