مڙس پنهنجي زال جي شادي سندس ننڍپڻ جي دوست سان ڪرائي ڇڏي

ڀارتي رياست بهار ۾ انتهائي غيرمعمولي واقعو پيش آيو جتي هڪ همراهه پنهنجي زال جي شادي سندس ننڍپڻ جي دوست ۽ محبت سان ڪرائي ڇڏي.
ڪيئي سال اڳ بالي ووڊ فلمساز سنجي لِيلا ڀنساليءَ جي سپر هِٽ فلم ” هم دِل دي چُڪي صَنم “ به اهڙي ئي قسم جي ڪهاڻي تي فلمائي وئي جنهن ۾ اداڪار اجي ديوگن جو ڪردار پنهنجي گهرواري ( ايشوريا راءِ ) جي شادي سندس پيار ( سلمان خان ) سان ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب، بهار سان واسطو رکندڙ راجيش ڪمار پنهنجي گهرواري خوشبو ڪماري جي شادي سندس ننڍپڻ جي دوست چندن ڪمار سان ڪرائي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، خوشبوءَ جي ساهرن کي چندن سان سندس لاڳاپن جو پتو پئجي ويو هو، ان کانپوءِ راجيش معاملو ڳوٺ جي وڏن وٽ کڻي ويو ۽ پنهنجي زال جي چندن ڪمار سان شادي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.
راجيش موجب، سندس زال پنهنجي دوست چندن سان هر وقت رابطي ۾ رهندي هئي، انڪري مون ٻنهي کي سدائين لاءِ گڏ رهڻ ۾ مدد ڪئي. هتي اِها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته خوشبو ۽ راجيش جو ٻن سالن جو پٽ به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.