بنگلاديش ۾ پرُتشدد مظاهرا، حسينه واجد جي پارٽي جي 29 اڳواڻن جا لاش هٿ

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن ۽ پُرتشدد واقعن دوران شيخ حسينه واجد جي سياسي پارٽي عوامي ليگ جي 29 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا لاش مليا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هٿ آيل لاشن ۾ عوامي ليگ جا اڳواڻ ۽ سندن گهر ڀاتي شامل آهن ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته اِهي لاش شيخ حسينه واجد جي ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ مليا آهن.
ٻئي پاسي بنگلاديشي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته عوامي ليگ سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي گهرن، ڪاروباري مرڪزن ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ڦرلٽ به ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.