چين، سعودي ۽ يو اي اِي پاران پاڪستاني قرض رول اوور ڪرڻ جو واعدو

چين، سعودي ۽ يو اي اِي پاران پاڪستاني قرض رول اوور ڪرڻ جو واعدو
واشنگٽن( ويب ڊيسڪ)آمريڪي خابرو اداري ”بلومبرگ“ پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات هڪ سال لاءِ پاڪستاني قرضن کي رول اوور ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، جيڪو پاڪستان لاءِ وڏو رليف آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت آءِ ايم ايف سان 7 ارب ڊالرن جي حتمي قرض منظوري جو انتظار ڪري رهي آهي.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب اسلام آباد ۾ پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي ٻڌايو ته رول اوور جو ڪاٿو گذريل سال جيترو هوندو، پاڪستان وٽ 12 ارب ڊالرن جا ٻه طرفا قرض هئا، جن ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران واڌ ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.