بئريسٽر گوهر جي شير افضل کي عمران خان سان ملاقات ڪرڻ جي دعوت

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته شير افضل مروت جي بنيادي رڪنيت معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ غلط فهمي آهي. بئريسٽر گوهر ۽ شير افضل مروت وچ ۾ پارليامينٽ گيٽ تي ملاقات ٿي، جنهن ۾ بئريسٽر گوهر شير افضل مروت کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات جي دعوت ڏني. جنهن جي جواب ۾ شير افضل مروت جواب ڏنو ته مان چوان ٿو هاڻي هلون.عمران خان سان ملاقات ۾ دير ڪهڙي ڳالهه جي آهي. ان موقعي تي بئريسٽر گوهر چيو ته شير افضل مروت جي بنيادي رڪنيت معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ غلط فهمي آهي. هن چيو ته شير افضل مروت جو معاملو اسان جي پارٽي جو اندروني معاملو آهي، شير افضل مروت اسان سان گڏ آهي ۽ رهندو، ٻه ڏينهن صبر ڪيو اوهان کي سٺي خبر ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.