طاهر ملاح جي خون سان انصاف لاءِ مختلف تنظيمن ۽ ملاح برادري جو ڌرڻو

کٿڙ (رپورٽ: ناصر علي) سيري ٿاڻي جي حد انصاري فارم وٽ راند کيڏندي بيگناھه قتل ڪيل معصوم نينگر طاهر ملاح جي قتل ۾ ملوث ظالم زميندار آغا زبير پٺاڻ کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ پوليس جي روايتي سستي خلاف کٿڙ اسٽيشن، حيدرآباد- ٽنڊو محمد خان روڊ تي قومپرست ڪارڪنن، سماجي اڳواڻن ۽ ملاح برادري سميت علائقي واسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج دوران روڊ مڪمل بند ٿي ويو ۽ گاڏين جون  قطارون لڳي ويون. ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن جوابدار کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاجي ڌرڻي ۾ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور, جسقم اڳواڻ لياقت ملاح، ناصر ملاح، قادر ملاح، ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته غير مقامي زميندار وحشي ۽ ظالم آغا زبير پٺاڻ راند کيندڙ معصوم نينگر طاھر ملاح مٿان پسٽل جا سڌا فائر ڪري ٿڏي تي قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويو پر پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي قاتل کي گرفتار نه ڪيو. قاتل جي لاءِ رستو صاف ڪندي کيس گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائڻ جو موقعو ڏنو ويو. قتل جي ايف آءِ آر  ڪمزور داخل ڪندي کيس فرار ڪرائڻ ۾ سهولت ڏني وئي. ھنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته غير مقامي ۽ ظالم زميندار قاتل جي حفاظتي ضمانت رد ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي ۽ کيس سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.