سينيٽ ڪميٽي ۾ هتڪ عزت سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد ۾ سينيٽ جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ڊيفيميشن ايڪٽ 2024ع کي ملڪي سطح تي لاڳو ڪرڻ جي تجويز تي بحث ڪندي مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته هتي ڪنهن صوبي جي ٺاهيل قانون تي ڪهڙي اختيار هيٺ بحث ٿي سگهي ٿو. هتي صوبائي معاملن تي بحث ڪرڻ مناسب نه آهي. سينيٽ جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث ڪندي سينيئر صحافي حامد  مير چيو ته جيڪڏهن صوبائي اسيمبلي اهڙو قانون پاس ڪري رهي آهي ته ان تي بحث ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪا اسيمبلي مرڪزي قانون ۾ تبديلي ڪري ته ان تي بحث ٿيڻ گهرجي.طلال چوڌري چيو ته ارڙهين ترميم تي غور ڪيو وڃي. بدنامي جو قانون بڻجڻ گهرجي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي قانون ٺاهڻ گهرجي.اجلاس  دوران سرمد علي چيو ته صوبائي قانون تي تڏهن ئي ڳالهه ٿي سگهي ٿي جڏهن اها وفاق سان ٽڪراءُ ۾ هجي.  ناصر زيدي چيو ته هتڪ عزت سڄي سماج ۾ ٿئي ٿي، ان کي صحافين تائين محدود ڪرڻ مناسب ناهي. پرويز رشيد چيو ته خدشو آهي ته سينيٽ ۽ وفاق جو قانون سازي جو حق محدود ٿي ويندو، جڏهن ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته مان اڄ کليل مثال قائم ڪرڻ چاهيان ٿو. ڊارڪ ويب سڀني جي سامهون آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.