ڪراچي ۾ پارڪنگ تڪرار تان جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا، هڪ زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڊاڪس پوليس ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽن ڄڻن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جن مان 2 ڄڻا زخمن جا  سور نه سهندي فوت ٿي ويا. فوت ٿيل هڪ شخص جي سڃاڻپ لائق زمان جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته هڪ شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ايس ايس پي ڪياماڙي فيضان علي جو چوڻ آهي ته مڇر ڪالوني ۾ بسم الله ڪانٽي ويجهو پارڪنگ جي تڪرار تان ٻن گروپن ۾ ڇڪتاڻ ٿي، هٿياربندن جو تعلق زمان گروپ سان آهي، ان گروپ جي هٿياربندن نجيب ۽ مجيب گروپ تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2  ڄڻا مارجي ويا ، پوليس واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري سمورا ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن، ايس ايڇ او ڊاڪس نفيس الرحمان جو چوڻ آهي ته هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، جن جي سڃاڻپ به ڪئي وئي آهي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.