اسلام آباد(نصرت جاويد)عالمي ميڊيا بنگلاديش ۾ آيل تبديلي کي ڏکڻ ايشيا جو عرب بهار قرار ڏئي رهي آهي،هڪ انگريز دانشور ماضي ۾ چيو هو ته بنگال جيڪو اڄ سوچي رهيو آهي سڀاڻي اهو ڀارت سوچي رهيو هوندو، ڊگهي اقتدار حسينه واجد جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو هو،بنگلاديش ۾ تعليم جو معيار بهترين ۽ عورتن کي روزگار تي لڳائڻ وڏا انقلابي قدم آهن،15 سالن ۾ وڌيڪ ڪنهن صنعت تي ڌيان نه ڏنو ويو، ڪورونا ،روس يوڪرين جنگ ۽ وچ اوڀر جي صورتحال جا به بنگلاديش تي اثر پيا،گذريل سال آڪٽوبر ۾ آمريڪا بنگلاديش حڪومت کان مطالبو ڪيو هو ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ برابري وارا موقعا ڏنا وڃن پر حسينه واجد اهو مطالبو مڃڻ بدران ڍاڪا ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني جي سيڪيورٽي ئي گهٽائي ڇڏي،جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي ڪندڙ ملڪ بنگلاديش تصور ڪيو پيو وڃي،15 سالن ۾ ڪوٽا سسٽم تحت 30 سيڪڙو نوڪريون 71ع واري جنگ جي هيروز جي خاندانن ۾ ورهائڻ جو سلسلو جاري رهيو،ان سان گڏ مهانگائي جي لهر به بنگلاديش کي لوڏي ڇڏيو،تعليم يافته نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيل هئا، آمريڪا چاهي پيو ته بنگلاديش چين بدران ڀارت،ٿائيلينڊ،ڪمبوڊيا،فلپائن تائين محدود رهي،حسينه واجد پنهنجي دور ۾ سوين سياسي مخالف قتل ڪرايا،ميڊيا کي ڪنٽرول ۾ رکيو، بدعنواني عروج تي رهي، هن جي دور ۾ عدليه، اليڪشن ڪميشن، ميڊيا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ بدعنواني عروج تي رهي، هڪ چيف جسٽس کي خوف سبب ٻاهرين ملڪ فرار ٿيڻو پيو،2024ع جي چونڊن ۾ بدترين ڌانڌليون ٿيون، سڀ کان وڏو بلنڊر حسينه واجد جيڪو ڪيو اهو هو ته هن احتجاج ڪندڙ شاگردن کي رضاڪار(غدار) ڪوٺيو،ان ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪري ڏيکاريو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 07 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو