اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني)بنگالي صحافي ۽ دانشور حسينه واجد جي حڪومت ختم ٿيڻ تي خوش آهن،اڳتي هلي کين احساس ٿيندو،معاشي ترقي تي به اثر پوندا،عرب بهار وانگر اهو ”انقلاب“ بنگالين جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو، ملڪ جي باني شيخ مجيب جي مجسمن کي ڊاهي انهن کي جوتن جا هار پارايا پيا وڃن، شيخ حسينه واجد آرمي چيف جنرل وقار الزمان تي گهڻو ڀاڙيندي هئي،هو سندس مائٽ به آهي،هن شيخ حسينه کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ رڳو 45 منٽن جي مهلت ڏني،نوبل انعام يافته معاشي ماهر محمد يونس کي عبوري حڪومت جي اڳواڻي جو چيو ويو آهي،ڪابينا ۾ اڳوڻي آرمي چيف،رٽائرڊ جنرلن،ججن،صحافين ۽ پروفيسرن کي به شامل ڪيو پيو وڃي، اهي به اطلاع آهن ته ڀارت شيخ حسينه کي پاڻ وٽ رکڻ لاءِ تيار ناهي،مودي هن سان ملاقات ناهي ڪئي، اها ڳالهه طئي آهي ته بنگلاديش ۾ فوج جو اڻ ڏٺو ڪردار رهندو،جڏهن شيخ حسينه جو دور هو ته هن پنهنجو اقتدار مضبوط ڪيو پر سياسي ادارن کي ڪمزور ڪيو،اپوزيشن سان ناروا سلوڪ ڪيو،بنگلاديش صورتحال پاڪستان لاءِ به هڪ سبق آهي ته جڏهن سياسي جماعتون هڪ خاندان جي چوڌاري ويڙهيل هونديون ته اسٽيبلشمينٽ به مضبوط ٿيندي رهندي آهي،ماڻهو هن وقت فوج کان ناراض آهن، بنون،گوادر واقعا سامهون آهن، شهبازشريف ايترو طاقتور وزيراعظم ناهي، ماڻهن جي ڪاوڙ جو اصل هدف اسٽيبلشمينٽ آهي،عمران خان ايندڙ سال آگسٽ تائين جيل مان ٻاهر نه نڪرندو،پاڪستان ۾ سياستدانن هميشه عوام کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو آهي، اهي عوامي مسئلن کان لاتعلق بڻيل آهن.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 07 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو