سنڌ جون زمينون ۽ سامونڊي پٽي ادارن حوالي ڪئي پئي وڃي: زين شاهه

ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا) ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته زرداري اسٽيبلشمينٽ سان سنڌ جو سودو ڪري ايم او يو صحيح ڪري ڏنو آھي صوبن جا اختيار به وفاق حوالي ڪيا ويا سنڌ جي سامونڊي پٽي سان  ھٿ چراند ڪئي پئي وڃي 1991 جي معاهدي تحت پاڻي ورڇ نه پئي ٿئي،ميهڙ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ھن چيو ته سنڌو درياء مان شاخون ۽ مختلف ڪينال ٺاھي ڏيڻ جا اختيار به وفاق کي ڏنا ويا آھن. ان سان گڏ سنڌ جون زمينون هڪ عسڪري ڪمپني۽ سامونڊي پٽي به ڊي ايڇ اي حوالي ڪئي وڃي پئي ، ھن چيو ته اسين انھن سمورن وسيلن جي مالڪي لاءِ سنڌ جي سوداگرن سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ نڪتا آھيون، ھتي ٻين ملڪن جي ماڻھن کي ھتي رھايو وڃي پيو. ھن چيو ته ننگر پارڪر جي ٽڪرين کي مٽائڻ جي سازش ڪئي وڃي پئي، سنڌ ۾ ادبي ماڻھن ۽ صحافين کي به سنڌ جي حقن لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن روشن علي ٻرڙو چيو ته سنڌ اندر مڪمل طور مايوسي  آھي،مختلف مافيائن جو قبضو آھي گذريل اليڪشن ۾  ڪامياب ٿيل حقيقي نمائندن جا نتيجا مٽايا ويا ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ نمائندن جا نتيجا روڪيا ويا آھن پيپلزپارٽيءَ گذريل 16 سالن کان وٺي سمورا ادارا يرغمال بڻائي ڇڏيا آھن جڳديش آھوجا خطاب ڪندي چيو ته  عوام کي سنڌ جي حقن لاءِ سجاڳ ڪري رهيا آهيون، پوري دنيا ۽ ملڪ اندر سياست ٺڳي جو ٺاهه بڻجي وئي آھي پر سيد زين شاهه انھن سمورن زنجيرن کي ٽوڙڻ جي سگھه رکي ٿو ھن چيو ته اسان پارليامينٽ جي مورچي تائين لڙي رھيا آھيون ان کان اڳ سيد زين شاه ۽ ٻين اڳواڻن ھڪ ھفتو اڳ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ايس يو ضلع دادو جي نائب صدر حاجي خان مارفاڻي جي ڀائٽي فياض مارفاڻي جي تڏي تي پھچي تعزيت پڻ ڪئي .ورڪرز ڪنوينشن کي سڪندر سوڍر ، حاجي خان مارفاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.