ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ايئرپورٽ تان سنگين ڏوهن ۾ گهربل جوابدار گرفتار. ايف آءِ اي ترجمان موجب ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول جوابدار حرمن زمان ڀٽي جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو هو. ايف آءِ اي انٽرپول ۽ اميگريشن گڏيل ڪارروائي ڪندي جوابدار کي ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو. جوابدار کي جرمني کان پاڪستان پهچندي گرفتار ڪيو ويو. جوابدار حرن زمان خلاف جلالپور ٿاڻي جٽان گجرات ۾ قتل جي ڪوشش جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي پاران جوابدار کي پنجاب پوليس حوالي ڪيو ويو. ايف آءِ اي اميگريشن سان انٽرپول اسلام آباد جي ويجهي رابطا سبب جوابدار جي حوالگي ممڪن ٿي.