اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شازيا مري پي ٽي آءِ جو نالو وٺڻ کانسواءِ کين تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هي اهڙو ٽولو آهن جنهن کي آڻڻ وارا به پريشان آهن، پاڪستان جا مسئلا ان شخص کان وڏا آهن جنهن جو هي رينگٽ ڪري رهيا آهن، پيپلزپارٽي عوامي مسئلن جي ڪري پريشان آهي نه ته ڪنهن جا نخرا برداشت نه ڪريون ها.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته اوهان ڊجيٽل دهشتگردي شروع ڪئي آهي، هاڻي اها دهشتگردي نه هلندي، اوهان جي پيرسن چيئرمين جي ڳالهه نٿا ڪريون، مون کي فلسطين جي ٺهراءَ تي اوهان جي تڪليف جي خبر آهي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف ڪشمير جي ٺهراءُ تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪشمير جي حوالي سان اسان جو موقف واضح آهي، اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون، اڄ هتي سياسي الزامن بدران ڪشمير جي ٺهراءَ تي ڳالهه ٿئي ها ته سٺو هو.
You might also like