شيخ حسينا واجد کي ڀارت ۾ محفوظ ڳجهي هنڌ رهائش ڏني وئي

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ) عوامي احتجاج کانپوءِ ڀارت ويندڙ شيخ حسينا واجد کي ڀارت ۾ محفوظ ڳجهي هنڌ تي رهائش ڏني وئي.
برطانيا ۾ سياسي پناهه ملڻ تائين شيخ حسينا واجد جي ڀارت ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا شيخ حسينا واجد جي ويزا رد ڪري ڇڏي آهي.
بنگلاديش جي صورتحال تي ڀارت ۾ آل اپرٽيز اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير چيو ته شيخ حسينا جو ڀارت اچڻ گڏيل طور کنيل قدم آهي.
اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي جي بنگلاديش ۾ بحران ۾ پرڏيهي هٿ ملوث هجڻ جي امڪان جي سوال تي جي شنڪر جو چوڻ هو ته ڪنهن به شئي بابت چوڻ وقت کان اڳ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.