ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميئر سکر کي هدايت ڪئي آهي ته انتظاميا نئين برساتن جي اسپيل لاءِ الرٽ رهي ۽ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.
هنگامي حالتن ۾ شهرين کي فوري رليف لاءِ اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن. پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي هن پارٽي چيئرمين کي سکر ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ برساتن سبب شهر مان پاڻي ناڪال واري ڪم بابت بريفنگ ڏني.
هن ٻڌايو ته 22 ڪلاڪن جي برسات کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پاڻي نيڪال جو عمل مڪمل ڪيو ويو.
ان تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي جيڪو عوام سامهون بهتر انداز ۾ پيش ناهي ٿي رهيو، تعليم، صحت ۽ انفرااسٽرڪچر جي شعب ۾ مثالي ڪم ڪيا ويا، ساحلي علائقن ۾ ڪروڙين تمر جا ٻيلا لڳايا ويا، اهي سڀ شيون ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي آنديون وڃن ته جيئن صوبي جي عوام کي خبر پوي ته پ پ ڪم ڪري ٿي.
سنڌ حڪومت ترقياتي ايجنڊا تي ڌيان رکيو آهي. ميئر سکر چيو ته اولڊ سکر جو 70 سالا پراڻو ڊرينيج جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي. شهر جي سڀني سولڊ ويسٽ اسٽيشنز کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، عالمي معيار جي يونيورسٽين جي قيام کانپوءِ سکر شهر تعليمي مرڪز بڻجي ويو آهي. شهر جي خوبصورتي تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون.
You might also like