لاهور: ڊاڪٽر شاهد جي قتل ۾ پٽ جي ملوث هجڻ کانپوءِ وڌيڪ حيران ڪندڙ انڪشاف

لاهور(ويب ڊيسڪ)ڊاڪٽر شاهد صديقي قتل ڪيس ۾ پٽ جي ملوث هجڻ کانپوءِ وڌيڪ حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن.

آرگنائيزڊ ڪرائم يونٽ پوليس ذريعن موجب جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته قاتل جي پٽ عبدالقيوم پنهنجي پيءُ (مقتول) ڊاڪٽر شاهد صديق کان 13 ڪروڙ رپين جي لگزري ڪار گُهري هئي، جيڪا سندس گرل فرينڊ کي تمام گهڻي پسند آئي.

ڊاڪٽر شاهد صديقي اهڙي مهانگي ڪار ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي قيوم پنهنجي پيءُ تي سخت ناراض هو.

جڏهن ته هڪ هفتو اڳ ڊاڪٽر شاهد صديقي پنهنجي زال کي ٻڌايو ته قيوم لاءِ 13 ڪروڙ رپين جي لگزري ڪار بڪ ڪرائي ڇڏي آهي، جيڪا کيس سالگرهه جي موقعي تي سرپرائز تحفي طور ڏيڻي هئي.

قيوم کي سندس پيءُ طرفان 13 ڪروڙ رپين جي ڪار جو سرپرائز تحفو ايندڙ هفتي سندس گهر پهچڻو هو پر ان کان اڳ ئي ظالم پٽ پيءُ کي ٽارگيٽ ڪلر ذريعي قتل ڪرائي ڇڏيو.

جاچ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار قيوم آئس جو نشو واپرائيندو هو. جوابدار قيوم ڪجهه مهينا اڳ پنهنجي ئي گهر ۾ چوري به ڪرائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.