نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا جي ٻئي امير ترين شخص گوتم اڏاڻي پنهنجي جانشين جو اعلان ڪري ڇڏيو.
62 ورهين جي گوتم اڏاڻي موجب، هو 70 سالن جي ڄمار اڏاني گروپ جي چيئرمين جو عهدو ڇڏي سڀ ڪجهه پنهنجي جانشين جي حوالي ڪري ڇڏيندو.
گوتم اڏاڻي چيو ته رٽائرمينٽ کانپوءِ سندس ٻه پٽ ۽ ڀائيٽا سندس جاءِ والاريندا.
هڪ انٽرويو دوران گوتم اڏاڻي چيو ته اثاثن جي منتقلي ڪاروباري استحڪام لاءِ انتهائي ضروري هوندي آهي.
هن چيو ته هو پنهنجي ٻئي نسل کي موقعو ڏيندو ته هو سندس جاءِ هوريان هوريان ۽ منظم انداز سان والارين.
واضح رهي ته هن وقت اڏاڻي گروپ جي مجموعي ماليت 213 ارب ڊالرز آهي ۽ ان ۾ ڏهه ڪمپينون شامل آهن.
گوتم اڏاڻي جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سندس پٽ ڪرن ۽ جيت اڏاڻي ۽ ڀائيٽا پرنَو ۽ ساگر اڏاڻي انهن ڏهن ئي ڪمپنين جو انتظام سنڀاليندا.
گوتم اڏاڻي موجب، هو ستر ورهين جي ڄمار ۾ رٽائر ٿي ويندو ۽ پنهنجي ڪاروباري اثاثن کي چئني جانشينن ۾ ورهائي ڇڏيندو.
You might also like