اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ غيرقانوني ۽ بدنيتي تي ٻڌل قانون سازي کي رد ڪري ڇڏيندي، پارليامان سپريم ضرور آهن پر آئين جي تشريح سپريم ڪورٽ جوا ختيار آهي، سپريم ڪورٽ جيڪا آئين جي تشريح ڪئي اِها حتمي آهي، پارليامان جي قانون سازي سان ختم نٿي ٿي سگهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اِهو بل حڪومت لاءِ عبرت جو نشان بڻجندو، شهباز شريف حسينه واجد کي فون ڪري وڃڻ جو طريقو ۽ رستو پڇي وٺي، سياسي پارٽي کي اسپيس نه ڏيندئون ته اِهو اسپيس ڪو ٻيو وٺندو ۽ انجام حسينه واجد وارو ٿيندو.
واضح رهي ته قومي اسيمبليءَ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024ع اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، جنهن تحت آزاد اميدوار مخصوص مدي بعد ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۾ شامل نه ٿي سگهندو.
مسلم ليگ نون جي قومي اسيمبلي ميمبر بلال ڪياني اليڪشن ايڪٽ ۾ ٻئي ترميم جو بل پيش ڪيو.
سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن بل ۾ ترميمون پيش ڪيون، پر حڪومت ميمبرن اڪثريتي راءِ سان سموريون ترميمون رد ڪري ڇڏيون.