لاڙڪاڻي ۾ ڪارنهن جي ڪڌي رسم هيٺ ٻٽو قتل، نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  لاڙڪاڻو ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٺارو خان جاگيراڻي واسي تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف جي ملازم 32 ورھين جو نوجوان علي محمد پٽ مير خان جاگيراڻي کي گذريل ڏينهن ڳوٺ غلام علي کھاوڙ ۾ جوابدار ڪارنهن تھمت مڙئي ڪلاشنڪوف جا برسٽ ھڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد ھڪ عورت کي به قتل ڪري   ڇڏيو،  اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا،  ھوڏانھن مقتول نوجوان جي وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پھتا جتي پوليس پاران سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو ته مقتول جي وارثن انڪار ڪندي ايس ايس پي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا،  جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مقتول جي وارثن علي خان، سجاد علي، امتياز علي، صاحب خان ۽ رخسانه  جاگيراڻي چيو ته ڪجهھ ڏينھن اڳ کھاوڙ برادري جي ماڻهن سان زمين جي پاڻي جي فراهمي واري ڳالهھ تان منھن ماري ٿي ھئي جنھن کانپوءِ گذريل ڏينهن کھاوڙ برادري جي جوابدار راجا، منٺار، پرويز، شاھد ۽ رجب کھاوڙ مقتول کي پنهنجي ڳوٺ گهرائي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ پنهنجي ھڪ مستاني عورت کي قتل ڪري ڪارنهن جي ڪڌي تھمت مڙھي قتل ڪري فرار ٿي ويا، ھوڏانھن ايس ايس پي جي خاطري بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا،  جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته واقعو ڪارنهن الزام تحت پيش آيو آهي، جنهن ۾ علي محمد جاگيراڻي سميت هڪ عورت پڻ قتل ٿي آهي، جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي هدايتن تي ٻن جوابدارن شڪيل ۽ صاحب خان کهاوڙ کي گرفتار ڪري سرڪار جي فرياد تي واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.