آءِ پي پيز خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (م ڊ) پاور جنريشن پاليسي 1994 کي غيرآئيني قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.  لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر اسد منظور بٽ آرٽيڪل 184 (3) تحت درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ وفاق، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت، توانائي واري وزارت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آءِ پي پيز سان يڪطرفا معاهدا غير شفاف، غيرقانوني ۽ غير اسلامي آهن جڏهن ته مهانگي بجلي آرٽيڪل 18 جي ڀڃڪڙي آهي. استدعا ڪئي وئي ته 1994 جي پاور جنريشن پاليسي سميت ٻين پاليسين کي غيرآئيني قرار ڏنو وڃي، عدالت آءِ پي پيز جي ملڪيت سميت ملڪ ۾ بجلي پيدا نه ڪندڙ آءِ پي پيز جا تفصيل طلب ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.