اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان کي گرفتار ٿي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي،پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان هڪ سال کان جيل جي سلاخن جي پويان آهي ، اڳوڻو وزيراعظم عمران خان اڄ به نه رڳو وڏي اپوزيشن پر پاڪستان جي سياسي منظرنامي تي غالب قوت آهي. اڄ به سندس نالو اخبارن ۾ پڙهيو وڃي ٿو ۽ عدالتن ۾ ٻڌو وڃي ٿو. سندس سوشل ميڊيا فالوورز ۾ به گهٽتائي نه آئي آهي. هن کي عوام جي آڏو اچڻ جي اجازت ناهي، جيڪڏهن ڪنهن کي جيل اندر عمران خان سان ملاقات جي اجازت آهي ته اها سندن خاندان ۽ وڪيلن کي اجازت آهي ۽ صرف اهي ئي عمران خان سان ملي سگهن ٿا.
-
ملڪ کي جن لٽيو ،معافي اهي وٺن : علي امين گنڊاپور
صوابي ( م ڊ ) صوابي ۾ پي ٽي آءِ پاران ڪوٺايل جلسي ۾ خطاب ڪندي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته جن ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي انهن کي معافي گهرڻ گهرجي ، هن چيو ته نظريو ڪڏهن به قيد نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي ختم ٿي سگهي ٿو، علي امين گنڊاپور چيو ته اسان جو اسلام آباد ۾ جلسو هو، هاڻ اسان کي ڪير به جلسو ڪرڻ کان اسلام آباد ۾ روڪي نٿو سگهي،هن چيو ته آگسٽ جي آخري هفتي يا سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ اسلام آباد اندر جلسو ڪنداسين. ڪنهن کي روڪڻو آهي ته روڪي ڏيکاري، هاڻ دما دم مست قلندر ٿيندو، هن چيو ته جيڪڏهن جلسي لاءِ اين او سي نه ڏني وئي ته پوءِ ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو،
-
وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب سڄي دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻاڙائي
ڪراچي (م ڊ) وچ اوڀر جي صورتحال سبب سڄي دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽنگ ۾ ٻاڙائي جو رجحان رهيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 1141 پوائنٽس لهي 77 هزار 84 تي بند ٿيو. جاپان، ڏکڻ ڪوريا، يورپ ۽ ڀارت ۾ اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻاڙائي جو رجحان رهيو.