ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن حالتون ڪنٽرول مان نڪري ويون ته وزيراعظم شهباز شريف کي ايئرپورٽ وڃڻ جو موقعو به نه ملندو، بجلي جا بل بجلي پيدا ڪرڻ واري قيمت جي حساب سان ورتا وڃن.ڪراچي ۾ گورنر هائوس ٻاهران ڌرڻي دوران پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪمرانن ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، ملڪ تي عملي طور تي ڌارين جو قبضو آهي، اسان پنهنجي مرضيءَ سان ڪو به فيصلو نه ڪري سگهيا آهيون، عالمي ماڻهو پاڪستاني قوم کي غلام بڻائڻ چاهين ٿا. اسان تڪرار نٿا چاهيون، پر جيڪڏهن عوام پاڻ ٻاهر نڪري حڪمرانن جو گهيرو ڪندو ته پوءِ حڪمرانن کي گهرن مان نڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو، پوءِ ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ هن چيو ته وزير اعظم صاحب، پهريان توهان فرار ٿيندا رهيا آهيو، متان هن ڀيري صورتحال ايتري خراب ٿي وڃي جو توهان کي لانچ پڪڙڻ يا ايئرپورٽ وڃڻ جو موقعو نه ملي، ان ڪري اسان چئون ٿا ته وزير اعظم صاحب، صورتحال خراب ٿيڻ کان اڳ عوام جا مطالبا پورا ڪريو ۽ کين رليف ڏيو.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن فارم 45 موجب فيصلا ڪيا ويا ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس سموري خاندان سميت سندس اتحادي پارٽيون به گهر هليون وينديون. وزيراعظم عوام جي ڪاوڙ کان بچڻ لاءِ مطالبا منظور ڪري، ٻي صورت ۾ ڌرڻو حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويندو.حافظ نعيم چيو ته جماعت اسلامي جا مطالبا عوام جو جائز حق آهن، جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي گورنر هائوسز تي ڌرڻا هنيا ويندا شاهرائون بلاڪ ڪيون وينديون،حافظ نعيم الرحمان چيو ته آءِ پي پيز سان معاهدا ڪندڙ آفيسرن جا اثاثا منجمد ڪيا وڃن ۽ انهن کي سزا ڏني وڃي.