ميهڙ ۾گڏهن جي جهيڙي سبب 2 برادريون آمهون سامهون، هڪ ڌر جو احتجاج

ميهڙ ( ن ع آ )  ميھڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙا ۾ گڏھن جي ويڙهھ سبب کوسا ۽ ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ھڪ ڌر رزاق محمد ملڪ   سندس پٽ پپو ملڪ پنھنجي علائقي جي رھواسين صدام جتوئي ۽ سيد شوڪت علي شاهه سان گڏ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ پھچي احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته گذريل رات گڏهه پاڻ ۾ وڙھيا آھن جنھن تان ٻنھي گڏھن کي زخمي رسيا آھن پر کوسا برادري جي ماڻھن اسان مٿان گڏهه جي ٽنگ ڪپڻ جا ڪوڙا الزام ھڻي اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاھن ٿا ۽ ھو اسان کان ڳري رقم گھري رهيا آهن نه ڏيڻ تي اسان مٿان ڏمرجي پيا آھن ھنن چيو ته اسين پورھيت مزدور ماڻھو آھيون واقعي جي شفاف جاچ ڪري اسان مٿان لڳايل ڪوڙن الزامن کي رد ڪندي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن علائقي جي رھواسين صدام جتوئي ۽ سيد شوڪت علي شاه ٻڌايو ته اسان خدا ڪارڻ چئون ٿا ته گڏهه پاڻ ۾ وڙھيا آھن جن کي اسان ڇڏايو آھي ٻنھي گڏھن کي زخم رسيل آھن ھنن چيو ته رزاق محمد ملڪ سندس پٽ پپو ملڪ مٿان گڏهه جي ٽنگ ڪپڻ جا الزام غلط آھن ھنن چيو ته کوسا ۽ ملڪ برادري جي ڌرين ۾ ٿيل ڇڪتاڻ ختم ڪري وڌيڪ خونريزي ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.