اسلام آباد (م ڊ) حڪومت بجلي جا اگهه گهٽائڻ لاءِ مهانگا پاور پلانٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاور ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ايم ڪيو ايم جي وفد وفاقي وزير اويس لغاري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي جي بجلي جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پڌرائي موجب وفد جي ميمبرن کي پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ مهانگا پاور پلانٽس ختم ڪيا ويندا ۽ درآمدي ڪوئلي تي هلندڙ پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪيو ويندو.