اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو ڪو جواز ناهي. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو ته حڪومت مظلوم ڪشميرين سان حمايت جاري رکندي، وزيراعظم جو ڪشميرين جي خودمختياري واري حمايت تي ويزن واضح آهي. ان موقعي تي امير مقام چيو ته والاريل ڪشمير ۾ اسان جون ڀينرون ۽ ڀائر اڪيلا نه آهن، سڀ پاڪستاني ساڻن گڏ آهن، هن ئي سال وزيراعظم جي هدايت تي اسان ان تي ڪو آرڊينيشن ڪئي.