اسلام آباد (پ ر) پاڪستان جي خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري مرحوم نذير ڌوڪي جي گهر پهتي ۽ لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت ڪيائين. خاتون اول مرحوم جي ايصال ثواب ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ سوڳوار پونئرن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي خاتون اول نذير ڌوڪي جي ڌيئرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پارٽي ڪارڪن کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته نذير ڌوڪي پارٽي جو مخلص ڪارڪن هو، جنهن جي ڀٽو خاندان سان وفاداري بيمثال هئي. هو ٻين ڪارڪنن لاءِ عزم ۽ استقامت جو مثال هو. خاتون اول نذير ڌوڪي جي ڪٽنب کي يقين ڏياريو ته پارٽي قيادت ڏکئي وقت ۾ سندن ساٿ ڏيندي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه، مير منور ٽالپر، قومي اسيمبلي ۾ پارٽي جو چيف ويپ اعجاز جکراڻي، پ پ جي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري، قومي اسيمبلي جي ميمبر شهلا رضا ۽ مهرين ڀٽو پڻ خاتون اول سان گڏ هئا.