تڪرارن جي متبادل حل لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس مان جسٽس منصور ٻاهر

اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تڪرار جي متبادل حل لاءِ ڪميٽي ۽ ٽاسڪ فورس جوڙي ڇڏي.ميڊيا موجب لا اينڊ جسٽس ڪميشن جو 22 جولاءِ جو نوٽيفڪيشن سامهون آيو آهي، جنهن موجب جسٽس منصور علي شاهه هاڻي ٽاسڪ فورس جو ميمبر ناهي رهيو ۽ جسٽس يحيٰ خان آفريدي ڪميٽي جو سربراهه هوندو. جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد به ڪميٽي ميمبرن ۾ شامل آهن. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تڪرارن جي متبادل حل لاءِ هڪ نئين ٽاسڪ فورس پڻ ڪميٽي جي مدد لاءِ جوڙي وئي آهي. ٽاسڪ فورس ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جسٽس جواد حسن لاهور، جسٽس يوسف علي سيد ڪراچي، جسٽس عتيق شاهه پشاور ۽ جسٽس ميان گل حسن شامل هوندا.

نوٽيفڪيشن موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج صدف کوکر، عظميٰ فرناز، شبانه محسود، شمس الدين سپرا ۽ سول جج صنم بخاري به ميمبر هوندا. ان کان علاوه اٽارني جنرل ۽ قانون واري وزارت جا نمائندا به ٽاسڪ فورس ۾ شامل هوندا جڏهن ته سمورا صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز، ايڊووڪيٽ مخدوم علي خان، فيصل نقوي ۽ سيڪريٽري قانون ۽ انصاف ڪميشن به ٽاسڪ فورس ۾ شامل هوندا. سيڪريٽري قانون ۽ انصاف ڪميشن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.