حب ۾ ويڳي پيءُ جي نياڻي سان زيادتي، ماءُ جي شڪايت تي گرفتار

حب (م ڊ) حب جي علائقي پاڪ ڪالوني ۾ ويڳي پيءُ محمد حفيظ پنهنجي 11 سالن جي نياڻي کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو. نينگري جي ماءُ بيروٽ ٿاڻي تي رپورٽ ڪرائي جنهن کانپوءِ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. نينگري کي تڪليف سبب اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرياڻي زيادتي جي تصديق ڪئي. جوابدار اعتراف ڪندي پوليس کي ٻڌايو ته هن 10 مهينا اڳ اهڙي حرڪت ڪئي هئي. نينگري ٻڌايو ته جوابدار 2 ڀيرا اهڙي حرڪت ڪري چڪو آهي پر هو ڊپ سبب چپ رهي. پوليس چيو ته زال مڙس ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي.

ميڊيڪل رپورٽ تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.