بلوچ يڪجهتي ڪميٽي دهشت گرد تنظيمن جي پراڪسي آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستاني فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته 9 مئي واقعي تي موقف تبديل نه ٿيندو، هن الزام هنيو ته بلوچ سوليڊريٽي ڪميٽي ۽ ان جي قيادت دهشتگرد تنظيمن، غيرقانوني عنصرن، اسمگلرن ۽ ڀتا خورن جي پراڪسي آهن، جيڪي ٻاهرين فنڊنگ سان  فوج خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. اڱاري ڏينهن راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته مان اهو واضح ڪريان ته بلوچ سوليڊرٽي ڪميٽي ۽ ان جي نام نهاد قيادت دهشتگرد تنظيمن، غير قانوني اسپيڪٽرم ۽ ڪرمنل مافيا جي پراڪسي آهي ۽ ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. هن چيو ته هن (ڪميٽي) جو ڪم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بدنام ڪرڻ آهي، جيڪي ادارا دهشتگردي، ڏوهن مافيا، ڀتا خورن خلاف ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي خلاف پروپئگنڊا ڦهلائڻ، جيڪي ترقياتي منصوبا ٿي رهيا آهن، انهن کي تڪراري بڻايو پيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته ۽ پوءِ (انهن سان) جيڪي پرڏيهي ايجنڊا سان گڏ ويٺا آهن. انساني حقن جي تنظيمن جي نالي تي انهن جي حق ۾ ڳالهائڻ شروع ڪن ٿا. اهو ئي تماشو آهي جيڪو توهان گذريل ڏينهن گوادر ۾ ڏٺو. جڏهن کانئس ايس آءِ ايف سي ذريعي فوج جي وڌندڙ ڪردار تي تنقيد بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته پاڪستان فوج هڪ قومي فوج آهي، ان جا سپاهي ۽ آفيسر ملڪ جي هر حصي، مذهب ۽ فرقي کان ايندا آهن، اهو وچولو طبقو ۽ غريب طبقو آهي. پاڪستان فوج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جا اشرافيه نه آهن، پاڪستان جي فوج وچين طبقي جو ميلاپ آهي، اها ميرٽ جي بنياد تي ڪم ڪندي آهي. ان ڪري ته هر آفيسر ۽ جوان جي ترجيح پاڪستان آهي، ان ڪري هو پنهنجي سڀ کان قيمتي شيءِ، پنهنجو سمورو وقت ملڪ لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ناهي؟ هن چيو ته جيڪو ادارو ملڪ لاءِ جوان ڏيڻ لاءِ تيار آهي ڇا ان کي قانون موجب حڪومت ڪم ڏئي ته ڇا اهو نه ڪري. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته هن سال دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف 32 هزار 622 آپريشن ڪيا ويا ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته حڪومت طرفان ٻن دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته ٽي ٽي پي کي خوارج الفتنه جي نالي سان نوٽيفاءِ جاري ڪيو ويو آهي . هن چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي وچولي طبقي ۽ غريب خاندانن مان اچن ٿا، اهي اشرافيه مان نه آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج ۽ ان جي انتظام هيٺ ادارن رڳو 23-2022ع ۾ مجموعي طور تي 360 ارب رپيا ٽيڪس ۽ ڊيوٽي جي مد ۾ قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن.  ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته فوج ڪنهن خاص سياسي سوچ ۽ پارٽي کي گڏ کڻي نه پئي هلي. پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فوج ڪنهن خاص سياسي سوچ، پارٽي کي گڏ کڻي نه پئي هلي، پر پاڪستان ۽ ترقي کي گڏ کڻي هلي رهيا آهيون. يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان هن چيو ته پاڪ فوج ڪشميري قوم جي حق خود اراديت جي حمايت ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪ فوج ڪشميرين ۽ انهن جي سمورين قربانين تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ ان جي مڪمل حمايت جو ارادو ڪري ٿي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جيئن اسان  پنهنجي گذريل پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته پاڪ فوج جي خلاف منظم پروپيگنڊا ۽ ڪوڙين خبرن ۾ اضافو ٿيو آهي. وڌندڙ ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا  کي نظر ۾ رکندي اسان پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته دهشتگردي جي خلاف بهتر قدمن ۽ پاڪ فوج جي پيشه وارانه سرگرمين جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جي خلاف هينئر تائين هلندڙ سال ۾ 23 هزار 622 ننڍا، وڏا انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا. صرف 15 ڏينهن جي دوران ٿيندڙ آپريشن جي دوران 24 دهشتگرد کي ماريو ويو. هن چيو ته ٻين ملڪن ۾ فوج جي معاشي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، اسان وٽ صرف تنقيد ٿيندي رهندي آهي. پاڪستان جي حڪومت تازو ئي هڪ اهم فيصلي ۽ نوٽيفڪيشن جي ذريعي پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي کي فتنه خوارج جي نالي سان نوٽيفاءِ ڪيو آهي. هاڻ انهي کي انهي نالي سان سڏيو ويندو ۽ ان سان جڙيل هر دهشتگرد کي خارجي سڏيو ويندو. ان جو سبب اهو آهي ته هي نه ڪا تحريڪ آهي ۽ نه ئي ان جو دين اسلام يا پاڪستان سان ڪو تعلق آهي. ترجمان چيو ته 2024 جي پهرين 7 مهينن دوران ڪائونٽر ٽيررازم آپريشن جي دوران 139 بهادر آفيسرز ۽ جوانن شهادت ماڻي پوري قوم انهن بهادرن ۽ سندس وارثن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي  انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ اداري ۽ سيڪيورٽي ايجنسيز پاڪستان جي داخلي ۽ بارڊر سيڪيورٽي کي وڌيڪ محفوظ بنائڻ جي لاءِ ڪيتري مصروف عمل آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف اسان جي ڪامياب جنگ دهشتگرد ۽ دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندي. پاڪ فوج جي تعليم، صحت سميت ٻين شعبن ۾ ڪمن بابت  تفصيل ٻڌائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪائونٽر ٽيررازم فوجي آپريشن کان علاوه پاڪ فوج خاص طور تي پاڪستان آرمي عوام جي لاءِ فلاحي ڪمن ۾ اڳيان وڌي حصو وٺندي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ ايف سي ۽  پاڪ فوج طرفان مختلف علائقن ۾ ٻارن کي تعليم جون بهتر سهولتون ڏيڻ جي لاءِ 92 اسڪول هلايا پيا وڃن جنهن ۾ 19 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پاڪ فوج جي  تعاون سان بلوچستان جي 253 شاگردن کي متحده عرب امارات جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم به ڏني وئي آهي. فوجي ترجمان چيو ته ڊجيٽل دهشتگردي خلاف قانون تحت ڪافي ڪارروائي نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته "ڊجيٽل دهشتگردي” خلاف دفاع جي پهرين لائن زمين جو قانون آهي. هن چيو ته ڊجيٽل دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ملڪ جو قانون آهي، پر بدقسمتي سان اوهان ڏسندا ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙ، پروپيگنڊا، خاص ڪري جعلي خبرون ۽ جعلي تصويرون پکڙجڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سان عوام جي ذهنن ۾ مونجهارو پيدا ٿئي ٿو . ڊي جي آءِ ايس آءِ پي آر چيو ته سفارتخانن آڏو احتجاجن تي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو پيو وڃي، افراتفري جو بيانيو پيدا ڪرڻ لاءِ لابنگ فرم رکيل آهن، اهو سڀ ڪجهه مخصوص سياسي پروپيگنڊا لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هو ڪشمير ۽ فلسطين لاءِ اهو بيانيو ٺاهين، جيڪڏهن ايترو پئسو ۽ ڪوآرڊينيشن آهي ته پوءِ رائزنگ پاڪستان جو بيانيو ٺاهيو، پر پئسو ان ڪري لڳايو پيو وڃي ته پاڪستان جي معيشت جي حقن جي ڳالهه ڇوڪئي پئي وڃي، هي پئسا ڪٿان آيا؟ پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته انگريزيءَ ۾ چيو ويندو آهي ”فري لنچ ناهي“ سو اسپانسرز جي قيمت پاڪستان ۾ افراتفري آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل دهشتگردي خلاف قانون ان طريقي سان ڪارروائي نه ڪري رهيو آهي جيئن ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته بلوچستان جي سرحدي علائقن جي ماڻهن جو دارومدار ايران کان واپار تي آهي جيڪڏهن ايران سرحد مڪمل طور بند ڪري ڇڏي ته فوج جي خلاف ڳالهائڻ جو موقعو ملندو، ايران مان پيٽرول جي سمگلنگ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي . ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هن وقت ملڪ معاشي سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن اهو واقعي ڪو چئلينج آهي ۽ حڪومت فوج کي ٽاسڪ ڏئي ٿي ته پاڪ فوج قومي فوج جي حيثيت سان ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪو به هٻڪ نه ڏيکاريندي. ۽ سوال اهو آهي ته ڇا دنيا ۾ پاڪستان واحد فوج آهي جيڪا اهو ڪم ڪري رهي آهي، جيڪڏهن توهان ڏسندا ته دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ انهن جون فوجون پنهنجي حڪومت ۽ عوام جي معاشي ۽ سماجي منصوبن ۾ مدد ڪنديون آهن. ان جا ڪيترائي مثال آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.