لنڊن(رضا رومي) تاريخ دان ڊاڪٽر اشتياق احمد چيو آهي ته پاڪستان هڪ گيريزن رياست آهي،سرد جنگ ۾ ان آمريڪا جو ساٿ ڏنو،ملڪ ٺهڻ وقت آرمي ۽ بيوروڪريسي مضبوط هئي، سياسي قوتون تڏهن ايتريون مضبوط نه هيون، هن چيو ته مسلم ليگ اليڪشن نه ڪرائي، آئين نه ٺاهيو، انهن حالتن ۾ جنرل ايوب فوجي بغاوت ڪري ڏني،پاڪستان سينٽو جو حصو بڻجي اولهه جو اتحادي ٿي ويو، جنهن کانپوءِ وڏي پئماني تي ملڪ ۾ هٿيار آيا،کاريان جي ڇانوڻي به آمريڪا ٺاهي هئي، هن چيو ته ملڪ ٺهڻ شرط فوج حاوي ٿي وئي، ضيا کانپوءِ انهن(اسٽيبلشمينٽ) شهيد بينظير ۽ نوازشريف جو ڪهڙو حال ڪيو؟ عمران خان فوج جي اکين جو تارو هو، جڏهن هن جو اداري سان جهيڙو ٿيو ان کانپوءِ ئي ملڪ ۾ بگاڙ آيو آهي، هن چيو ته اهو مڃڻو پوندو ته عمران خان نوازشريف وانگر ملڪ ڇڏي فرار نه ٿيو، هو فوج جي ڳڙهه پنجاب ۾ ئي اسٽيبلشمينٽ خلاف مزاحمت ڪري رهيو آهي، هن وقت مسلم ليگ ڪنگز پارٽي طور سڃاتي پئي وڃي، پ پ نه ٻه ۾ نه ٻارهن ۾ آهي،جماعت اسلامي،جي يو آءِ به انقلاب آڻڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، ڪميونسٽن کي به ڪير سپورٽ نه پيو ڪري، هن وقت اهڙي ڪا به پارٽي ناهي جيڪا ڇانوڻي رياست(گيريزن اسٽيٽ) جي بدبودار ۽ استحصالي نظام کي ختم ڪرڻ سمورين ڌرين کي گڏ ڪري، ان صورتحال ۾ ملڪ گهرو ويڙهه ڏانهن وڌي رهيو آهي،هن چيو ته بنگلاديش ۾ حڪومت جي بدافعالين جي ڪري شاگردن انقلاب آندو، پاڪستان ۾ في الحال اهڙي ڪا به تحريڪ نظر نه پئي اچي، فوج اقتدار نه سنڀاليندي پر پنهنجا پٺو ٻيهر آندي، پنجاب ۾ فوج گوليون نه هلائيندي، باقي بلوچن،سنڌين کي رڳڙو ڏيڻ انهن لاءِ آسان آهي، هن چيو ته فوج کي جيستائين بيرڪن تائين محدود نٿو ڪيو وڃي تيستائين گيريزن اسٽيٽ جو مستقبل آهي ۽ پاڪستان پرامن نارمل رياست نٿو بڻجي سگهي،
توهان پنهنجي ئي ماڻهن جو استحصال جاري رکندا ته ڪڏهن نه ڪڏهن خوني انقلاب ايندو يا ملڪ ٽٽي ويندو،هن چيو ته فوج پنهنجا معاشي بنياد ٺاهيا آهن، سنڌ ۾ انهن 50 هزار ايڪڙ زمين پوک لاءِ ورتي آهي، انهن کي پنهنجي پاڻ کي ڪٿي نه ڪٿي تبديل ڪرڻو پوندو،