بنگلاديش ۾ صورتحال بگڙڻ بعد 15 سالن کان اقتدار ۾ ويٺل وزيراعظم76 سالن جي شيخ حسينه پنھنجي عھدي تان استعفيٰ ڏئي،ملڪ ڇڏي ھلي وئي آھي.ھو سخت حفاظتي انتظامن ۾ ھيليڪاپٽر تي چڙھي ھندستان وئي آھي. سومر واري ڏينھن بنگلاديش ۾ جيڪو ڪجھھ ٿيو اھو گھڻو حيران ڪندڙ آھي.شيخ حسينه جي تختي اونڌي ڪرڻ بعد وڳوڙين وزيراعظم ھائوس تي ڪاھ ڪئي.ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ ڪجھ سامان بھ ميڙيو.پر ٻئي پاسي ملڪ جي آزاديءَ جي ھيرو جي مجسمن کي مترڪن سان ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو.انھن ماڻھن ۾ اھا نفرت ڪجهھ ٻين سوالن کي اڀاري ۽ ان جي ڪجھه ٻين پاسن کي ظاھر ڪري رھي آھي.فوج جي ڪيل اعلانن ۾ ھڪ اھو بھ شامل آھي تھ ڳالھين ۾ شيخ حسينه جي جماعت کي شامل نھ ڪيو ويندو.
حالتن مان اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ ملڪ اندر حالتون خراب ٿيڻ ۽ انھن کي ھوا ڏيڻ ۾ مقامي طور تي سياسي ڌرين ۽ عسڪري فوج جو تعلق آھي. جيڪڏھن ان کي وسيع پس منظر ۾ ڏسجي تھ چين ۽ آمريڪا جي تڪرار جو عڪس پڻ نظر ايندو.ياد رھي تھ وزيراعظم جي حيثيت سان شيخ حسينه چين جي دور تي ھئي تھ ملڪ ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ٿيو ھو.جيڪو بعد ۾ پرتشدد ٿي ويو.جنھن جو انت شيخ حسينه جي حڪومت جي خاتمي تي ٿيو آھي.
ان کان اڳ ميڊيا جي رپورٽن موجب مظاھرو ڪندڙن سان ڳالھين ۾ اصل معاملي يعني ڪوٽا سسٽم تي معاملي جو فيصلو ٿي ويو ھو،پر ساڄي ڌر جي مظاھرو ڪندڙن ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙ عسڪري قوتن معاملي کي ڦٽائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
تختي اونڌي ٿيڻ بعد بنگلاديش جي آرمي چيف وقار الزمان، وزيراعظم شيخ حسينه جي استعيفيٰ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ عبوري حڪومت قائم ڪئي ويندي.نئين صورتحال بابت قوم کي خطاب ڪندي هن جو چوڻ ھو تھ نئين حڪومت جوڙڻ لاءِ صدر کان رھنمائي وٺندس.
فوجي اڳواڻ احتجاج دوران مارجي ويلن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ جو واعدو پڻ ڪيو. هن چيو ته فوج کي عوامي هنڌن تان هٽايو ويندو. هن چيو ته فوج تي يقين رکو، سمورن مارجي ويلن جي جاچ ڪنداسين ۽ ذميوارن کي سزا ڏينداسين.پنهنجي خطاب ۾شاگردن کي پرامن رهڻ ۽ گهر وڃڻ جي ھدايت ڏيندي ھن چيو تھ حالتن جي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
شيخ حسينه کي بنگلاديش جي معيشت کي ترقي ڏيڻ جو ڪريڊٽ ڏنو ويندو آهي، پر هن تي هڪ آمرانه طرز حڪمراني اختيار ڪرڻ جو الزام بھ لڳايو ويندو رھيو آهي. پنھنجي اقتدار جي دور ۾ ھن جماعت اسلامي جي ڏوھن ۾ ملوث ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ڦاھيون پڻ ڏنيون،جنھن ڪري ساڄي ڌر جي جماعت کي گھڻي ڪاوڙ ھئي.ھاڻوڪي احتجاج جي پٺيان بھ انھن جو ھٿ ھو.
. شيخ حسينه 1947ع ۾ اوڀر بنگال ۾ پيدا ٿي ۽ سياست سندس رت ۾ سمايل هئي.قومپرست اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان جي ڌيءَ آهي.جنھن کي قوم جو ابو سڏيو وڃي ٿو.جنھن جي قيادت ۾ بنگلاديش پاڪستان کان1971ع ۾ ڌار ٿيو ھو.
شيخ مجيب الرحمان ۽ سندس خاندان جا ڪيترائي ميمبر 1975ع ۾ فوجي بغاوت ۾ مارجي ويا. رڳو شيخ حسينه ۽ سندس ننڍي ڀيڻ ملڪ کان ٻاھر ھئڻ ڪري بچي ويون ھيون.جنھن بعد انھن هندستان ۾ جلاوطني اختيار ڪئي ۽ 1981ع ۾ بنگلاديش واپس آيون ۽ پنهنجي والد جي پارٽي عوامي ليگ کي ٻيھر منظم ڪيو،جنھن جي شيخ حسينه سربراهه مقرر ٿي. جنرل حسين محمد ارشاد جي فوجي حڪومت دوران هن ٻين سياسي پارٽين سان گڏجي جمهوريت جي حمايت ۾ احتجاج ڪيا.ان تحريڪ شيخ حسينه کي شهرت جي بلندين تي پهچايو ۽ هوءَ هڪ قومي اڳواڻ طور اڀري آئي.
1996ع ۾ ملڪ جي پهرين ڀيرو وزيراعظم بڻي.هندستان سان پاڻي جي حصيداري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڏکڻي اوڀر علائقي ۾ ويڙهاڪن سان امن معاهدو ڪيو. پر ساڳئي وقت، سندس حڪومت تي نه رڳو ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا، پر هندستان جي تمام ويجهو هجڻ جي ڪري تنقيد پڻ ٿيندي رھي.2001 ع ۾ هوءَ پنھنجي اتحادي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻ خالده ضياءَ کان اليڪشن هارائي وئي ۽ کيس وزير اعظم جو عهدو ڇڏڻو پيو. جنهن کي ”واريئر بيگم“ پڻ چيو وڃي ٿو.
2009ع جي چونڊن بعد شيخ حسينه هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي وزيراعظم چونڊجي وئي.اپوزيشن ليڊر ھوندي شيخ حسينه ڪيترائي ڀيرا گرفتاربھ ٿي.نھ رڳو اھو پر کيس ڪيترائي ڀيرا ملڪ بدر ڪرڻ جون به ڪوششون ڪيون ويون ۽ مٿس ڪرپشن جي الزام هيٺ عدالتي ڪيس به داخل ٿيا. 2009ع کانپوءِ شيخ حسينه جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ جي معيشت بهتر ٿيندي نظر آئي.اهو خطي ۾ سگھارو معاشي ملڪ بڻجي رھيو ھو.ورلڊ بئنڪ موجب گذريل ڏهاڪي ۾ اٽڪل اڍائي ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير مان نڪري آيا آهن. ملڪ ۾ تازي پرتشدد احتجاج شيخ حسينه جي سياسي ڪيريئر جو سڀ کان وڏو چيلينج هو ۽ ملڪ ۾ گذريل چونڊون تڪرار سان ڀريل هيون.جن جي نتيجي ۾ شيخ حسينه جي پارٽي مسلسل چوٿون ڀيرو اقتدار ۾ آئي ھئي. سرڪاري نوڪرين جو ٽيون حصو انهن ماڻهن جي خاندانن لاءِ مخصوص آهي، جن کي بنگلاديش ۾ ’آزادي جي جدوجهد جا هيرو‘ سمجهيو وڃي ٿو.نوڪري جي اھميت ان ڪري آھي جو ان جا سٺا پيڪيجز آھن. ان ڪوٽا خلاف ٿيل احتجاج دوران حڪومت کان بھ علطيون ٿيون پر ڪي قوتون اھڙيون ھيون جيڪي وڳوڙي پئدا ڪرڻ جو انتظام ڪري رھيون ھيون.جنھن ۾ ساڄي ڌر جون جماعتون اڳيا اڳيان ھيون،شاگردن احتجاج سڄي ملڪ ۾ حڪومت مخالف تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو. ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کانپوءِ مهانگائي پڻ هئي، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا گهٽيا هئا ۽ پرڏيهي قرض لڳ ڀڳ ٻيڻو ٿي ويو هو.
وڌندڙ مهانگائي ۽ غربت جو وڏو سبب شيخ حسينه حڪومت جي بدانتظامي کي قرار ڏنو وڃي ٿو. انهن جي دعويٰ آهي ته ماضي ۾ ملڪ جي معاشي ڪاميابين جو فائدو صرف انهن ماڻهن کي مليو آهي جيڪي عوامي ليگ جو حصو هئا.
ميڊيا ۽ نقادن موجب ملڪ ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون وڌي ويون ھيون ۽ جمهوريت جو معيار نھ رھيو ھو. شيخ حسينه ھڪ آمر بڻجي وئي ھئي. سياسي مخالفن ۽ ميڊيا تي پابنديون ھيون.پر شيخ حسينه ۽ سندس حڪومت انهن الزامن کي ھميشھ رد ڪري ڇڏيو ھو. جنوري ۾ ٿيل چونڊن دوران ۽ ان بعد بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ۽ هزارين سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.
انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن موجب 2009 کانپوءِ ملڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران عدالت کان مٿاھن قتل جي واقعن ۽ جبري گمشدگين ۾ اضافو ٿيو.حڪومت غير ملڪي صحافين کي ملڪ ۾ ٿيندڙ انهن واقعن جي جاچ ڪرڻ کان روڪيندي رهي. ٻن مھينن کان شدت اختيار ڪيل احتجاج ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو رھيو،جنھن کي روڪڻ جي لاءِ تشدد جو رستو ورتو ويو.ان عمل جي خلاف ردعمل ۾ سموريون ڌريون گڏجي ويون.صرف آچر(4 آگسٽ) تي هڪ ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 100 ماڻهو مارجي ويا.
گروپ اسٽوڊنٽس اگينسٽ ڊسڪريمينيشن، جيڪو گذريل مهيني نوڪرين جي ڪوٽا خلاف احتجاج ۾ سڀ کان اڳيان هو، پڻ تازو احتجاج جي اڳواڻي ڪري رهيو هو.ڪوٽا سسٽم خلاف شروع ٿيل احتجاج ٻن مھينن تائين تشدد ڀريو ٿيندو ويو،ڪرفيو کي بھ شھرين قبول نھ ڪيو ۽ ماحول سول نافرماني تحريڪ وارو ٺھي ويو.جنھن بعد گذريل هفتي جي آخر تائين، احتجاج وزير اعظم شيخ حسينه کي هٽائڻ جي مهم ۾ تبديل ٿي ويو. حڪومت مکيه اپوزيشن بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) سان گڏ جماعت اسلامي، ان جي شاگردن جي تنظيم ۽ ٻين تنظيمن کي تڪرار ۽ آتشبازي جي واقعن لاءِ ذميوار قرار ڏنو.2018ع ۾ حسينه واجد جي حڪومت ئي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ لاءِ ڪوٽا سسٽم ختم ڪيو ھو.پر هاءِ ڪورٽ حڪومتي فيصلي کي رد ڪندي سرڪاري نوڪرين لاءِ ڪوٽا سسٽم بحال ڪيو. شيخ حسينه مسلسل چوٿين مدت لاءِ اقتدار تي پنهنجو قبضو برقرار رکيو.اھم اپوزيشن بي اين پي جنوري جي عام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو.مخالف ڌر الزام هنيو ته عوامي ليگ جعلي چونڊن کي جائز بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. بي اين پي جو چوڻ آهي ته 28 آڪٽوبر تي حڪومت مخالف مظاهرن کانپوءِ لڳ ڀڳ 25 هزار ماڻهون گرفتار ٿيا. بنگلاديش ۾ ويجھي مستقبل ۾ ڇا ٿيندو اھو وقت کان اڳ جي ڳالھھ آھي پر اھڙا اشارا ملي رھيا آھن تھ اتي جي اسٽيبلشمينٽ مائنس شيخ حسينھ جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رھي آھي.چئي نٿو سگھجي تھ ملڪ ۾ صورتحال جلدي بھتر ٿيندي.پر ڪجهھ وقت ۾ آھستي آھستي ڌرين جا اردارا ۽ رٿون پڌريون ٿيڻ شروع ٿينديون.ھن وقت سجھيو پيو وڃي تھ شيخ مجبب جي خاندان کي ھن ملڪ مان مٽايو پيو وڃي.