لنڊن ( ويب ڊيسڪ) لنڊن جي مختلف شهرن ۾ هنگامن ۾ ملوث 250 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. هنگامن ۾ ملوث جوابدارن کي سزائون ڏيارڻ لاءِ حڪومت عدالتون 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
حڪومت جي تنبيهه باوجود ساڄي ڌر جي حامين جا احتجاجي مظاهرا جاري آهن.
ساڄي ڌر جي حامين احتجاج سائوٿ پورٽ ۾ ٻارن جي قتل کانپوءِ شروع ڪيو، ٻارن جي قتل کانپوءِ پروپيگينڊا ڪئي وئي ته حملي آور سمنڊ رستي آيل هڪ پناهگير هو.
برطانوي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر چيو ته ڪنهن به قسم جي تشدد لاءِ جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، اظهار جي آزادي ۽ تشدد ڌار شيون آهن، هر ممڪن ڪارروائي ڪئي ويندي.
You might also like