” اسلام ئي سچو دين آهي“ پادري اسلام قبول ڪرڻ جي ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي

پرٿ ( ويب ڊيسڪ )آسٽريلوي پادري اسلام قبول ڪندي پنهنجي سفر جي خوبصورت ڪهاڻي شيئر ڪئي آهي.
اسلام هڪ خوبصورت مذهب ۽ هڪ مڪمل دين آهي جنهن کي الله پنهنجي ٻانهن تائين آخري نبي حضرت محمد صلعم جي ذريعي پهچايو.
سڄي دنيا ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو اسلام قبول ڪري رهيا آهن جنهن ۾ نامياريون شخصيتون پڻ شامل آهن، اسلامي تعليم مان متاثر ٿي 45 ورهين جي آسٽريلوي آرٿوڊوڪس پادري گولڊ ڊيوڊ به اهڙن ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي.
گولڊ ڊيوڊ پنهنجي ڪهاڻي شيئر ڪندي ٻڌايو ته هو آسٽريليا جي رياست پرٿ ۾ هڪ فيملي سان مليو جتي سندس ڌيان هڪ مقامي مسجد ڏانهن هليو ويو، هو ان مسجد جي امام سان به مليو جنهن کيس قرآن پڙهڻ لاءِ ڏنو.
هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايوته ورهين کان مون پنهنجي ڪتابن جي الماڙي ۾ قرآن رکي ڇڏيو پر پڙهيو نه هو، پر هن دفعي مون خدا کي چيو ته جيڪا به حقيقت آهي مون کي ڏيکار، اسلام سچو آهي يا ڪوڙو، عيسائيت صحيح آهي يا غلط مون تي واضح ڪر، مان دعا ڪندو رهيس پوءِ مان قرآن پڙهيو ۽ پتو پيو ته هي ئي سچو دين آهي.
هن چيو ته ان کانپوءِ مان جمعي جي نماز کانپوءِ مسجد جي پيش امام وٽ وڃي اسلام قبول ڪيو، مان دين اسلام ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ پنهنجو نالو عبدالرحمان رکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.