اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) دوست عرب ملڪن سيف ڊيپازٽ رول اوور سان گڏ حڪومتي ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.
ذريعن موجب، سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ ملڪن ۾ سعود عرب، گڏيل عرب رياستون ۽ قطرشامل آهن.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، سعودي عرب تيل ۽ گيس، بجلي، فنانشنل سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جا خواهشند آهن.
ذريعن موجب، عرب ملڪن جو پي ايس او، او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل ۽ ڊسڪوز ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عرب ملڪن طرفان ڄاڻايل ڪمپنين جي ماليت وڌيڪ هئڻ تي سيف ڊيپازٽ کانسواءِ به سيڙپڪاري تي راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، دوست ملڪن پاڪستان کي اٺ ارب ڊالر جي امداد فراهم ڪئي آهي، آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته دوستن ملڪن کان سيف ڊيپازٽس ادائيگي ٽن سالن لاءِ ملتوي ڪرائي وڃي.
You might also like