اسٽيبلشمينٽ ۽عمران خان وچ ۾ ڳالهين جو امڪان ناهي؟

اسلام آباد(منيب فاروق+جاويد چوڌري)افواهه هليا ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ڳالهيون هلندڙ آهن،اڊيالا جيل ۾ هن سان ٽي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، ۽ چوٿين ملاقات ٿيڻ واري آهي، ذريعن موجب اهڙي قسم جي ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي،ٻئي پاسي عمران خان اسٽيلشمينٽ  جي ويجهو رهندڙ ڪجهه ٻين پارٽين جي اڳواڻن کي چيو آهي ته توهان ڳالهين جو عمل شروع ڪرايو،ان کان اڳ عمران خان محمود اچڪزئي کي ڳالهين جو ٽاسڪ ڏئي پوئتي هٽي ويو، عمران خان جو آئين جي دائري ۾ رهي فوج سان ڳالهيون ڪرڻ وارو منطق سمجهه کان ٻاهر آهي، عمران جي ويڙهه اسٽيبلشمينٽ سان آهي،معافي ۽ ڳالهيون به انهن سان ئي ٿينديون،هو سياستدانن سان ڳالهين کان انڪاري آهي، حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ سان حڪومت ڪيئن هلي ويندي؟ عمران خان پنهنجي دور ۾ ايجنسين ذريعي حڪومت ڪندو هو، ووٽ کي عزت ڏيو بابت عمران خان جي ڳالهه صحيح آهي،هاڻي ته ملڪ ۾ رڳو اقتداري سياست هلي رهي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 04 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.