پنجاب مان هلندڙ سال پوليو جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) انسداد پوليو پروگرام پنجاب موجب چکوال مان هڪ ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ چکوال ۾ پوليو جو هي پهريون ڪيس آهي.

پنجاب جي انسداد پوليو پروگرام جو چوڻ آهي ته چکوال ۾ 6 ورهين جو ٻار پوليو ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.

هلندڙ سال ملڪ ۾ پوليو متاثر ٻارن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ پوليو جا 9، سنڌ ۾ 2 ۽ پنجاب ۾ 1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.